اسلام آباد ۾ ڊينگي بخار جو امڪان وڌي ويو، اسپتالن کان رپورٽ طلب

اسلام آباد: ملڪ جي گادي واري شهر جي انتظاميه ڊينگي بخار جي امڪان کي نظر ۾ رکندي اسپتالن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊينگي مريضن ۽ لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  اسلام آباد جي انتظاميه اسپتال انتظاميه کي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب متاثر مريضن جو انگ ٻڌايو وڃي ۽ روزاني جي بنياد تي ڊينگي جي مريضن جو ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي. انتظاميه جو چوڻ هو ته اسپتال عملي وٽ اينڊرائڊ موبائل فون هجڻ گهرجي ان کان علاوه اسپتال ۾ مقرر ٿيل ڪمپيوٽر آپريٽرن کي انٽرنيٽ جي سهوليت ڏني وڃي.  اسلام آباد جي انتظاميه سان  ميٽنگ ۾ چيو ويو آهي ته اسپتال جو عملو ڊينگي ايپ انسٽال ڪري ۽ مريضن جو ڊيٽا شيئر ڪيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي ضلعي ملتان جي نجي هوٽل ۾ وڏي انگ ۾ ڊينگي لاروا هٿ آيو هو جنهن کان پوءِ هوٽل انتظاميه کي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. صحت کاتي جي ڊينگي سرويلنس ٽيم  ابدالي روڊ تي واقع هوٽلن جي حد ۾ واٽر سپلاءِ جي جمع پاڻي مان ڊينگي لاروا هٿ ڪيو. جنهن کان پوءِ هوٽل انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 48 ڪلاڪن اندر پاڻي جي نيڪالي جو نظام صحيح ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ڊينگي ايڪٽ جي تحت انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي چوٿين پوزيشن برقرار، بابر ٽاپ بيٽسمين

Read Next

وفاقي حڪومت سڄي سنڌ ۾ اسان جي مدد ڪري: سيد مراد علي شاهه

Most Popular