وفاقي حڪومت سڄي سنڌ ۾ اسان جي مدد ڪري: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ تازين برساتن دوران 101 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿيا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هن ڀيري سڄي صوبي ۾ رڪارڊ برساتون پيون، برساتن سبب جوهي ۾ نئين گاج جي وهاءَ سبب ڪيترائي علائقا متاثر ٿيا، جوهي ۾ 2 لک 40 هزار ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 23 هزار ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، 1080 گهر مڪمل ڪري ڊهي پيا ۽ 1640 گهرن کي جزوي طور نقصان پهتو، ان سان گڏوگڏ جانور به مري ويا. هن ٻڌايو ته ٿرپارڪر ۽ کپري ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا، صوبي ۾ برساتن دوران 101 قيمتي جانيون ضايع ٿيون، جنهن مان سڀ کان وڌيڪ 63 ماڻهو ڪراچي ۾ فوت ٿيا، تازي مينهن سبب سڀ کان وڌيڪ خراب صورتحال ڪراچي جي ٿي ۽ اولهه ضلعو سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ برساتن سبب 29 گهر مڪمل طور متاثر، اسڪل، مسجدن ۽ روڊن کي به نقصان پهتو، مک ۽ وڏن روڊن کي گهڻي حد تائين صاف ڪيو ويو، عاشوري جي جلوس جي گذرگاهن تان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو، جڏهن ته کارادار کان ٽاور تائين نيڪالي ۾ دير ٿي، سرجاڻي ٽائون يوسف ڳوٺ ۾ حالت تمام خراب هئي، نيو ڪراچي، ڪورنگي ۽ ڊفينس جا علائقا پڻ متاثر ٿيا. وڏي وزير چيو ته اسان وٽ 42 هزار خيمن جو اسٽاڪ هو، برسات جي صورتحال کانپوءِ هاڻ خيمن جو اسٽاڪ تقريبن ختم ٿي ويو آهي، خيما وسندين ۾ کاڌو پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سيد مراد علي شاهه موجب سنڌ سان گڏوگڏ ٻين صوبن ۾ به طوفاني مينهن وسي رهيو آهي، يقين آهي ته اتان جون حڪومتون پنهنجي عوام لاءِ ڪم ڪنديون هونديون، ان معاملي تي ڪا سياست ناهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته سنڌ حڪومت مڪمل سهڪار ڪندي. هن چيو ته ٻين صوبن ۾ برساتن کانپوءِ سنڌو درياهه جي سطح وڌي رهي آهي، هن وقت ڪراچي ۾ 802 ارب رپين جي مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، ڪجهه منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪجهه جي منصوبي سازي جو ڪم مڪمل آهي. سندس چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا وفاقي حڪومت اسان جي انهن منصوبن کي ميچ ڪري، سنڌ ۾ مختلف منصوبن لاءِ وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، تنهن ڪري اسان جي وفاقي حڪومت کي درخواست آهي ته اتي به اسان جي مدد ڪري ۽ سڄي سنڌ کي هڪ نظر سان ڏسي.

Read Previous

اسلام آباد ۾ ڊينگي بخار جو امڪان وڌي ويو، اسپتالن کان رپورٽ طلب

Read Next

ميرپورخاص جا شهري توڙي ٻهراڙي جا علائقا پندهن ڏينهن کان برساتي پاڻي هيٺ آهن. حليم عادل شيخ

Most Popular