کپرو واسي اغوا ٿيل واپاري جي بازيابي لاءِ جوڙيل جانڇ ٽيم ۾ شامل پوليس آفيسر معطلي بعد ضلعي بدر

جهول : ساڊا ٽي مھينا آڳ۾ 19۽20مئي جي وچ واري رات اٽڪل رات جو  02وڳي   جھول ۽ پيرونمل ٿاڻن جي حد اندر   مبينا جھول پوليس  ھٿان مبينا مقابلي۾ سنڌڙي لگ ڳوٺ مولا بخش مھر واسي  سومار مھر   جھول ويجھو ڏيھ ڌامرکي۾ نئون آباد جھول روڊ تي   مارجي ويو ھو ساڳي تاريخ ۽ ساڳئي ٽائيم تي پيرونمل پوليس ھٿان مبينا پوليس مقابلي۾ پيرونمل ٿاڻي جي حد ۾ کپرو واسي  علي حيدر رونجھو مارجي ويو ھو   مبيناپوليس مقابلن مارجي ويلن واري ڪيس ۾ وارثن جي  احتجاج ۽ درخواست تي وزير اعلي سنڌ   طرفان جوڙيل جانچ ٽيم جي سفارش تي مبينا پوليس مقابلي ۾ حصو وٺندڙ  اڳوڻو ايس ايڇ او جھول راجڪمار کتري اي ايس آء شير محمد رند سپاھي اظھار علي، سپاھي غلام رضا،سپاھي سجاد علي ڊرائيور سپاھي گل محمد ، ايس ايڇ او پيرومل اسحاق سنگراسي  اي ايس آء  الھرکيو بگٽي سپاھي حيات سپاھي خان محمد  سپاھي جمال  کي ۽   کپرو جي مغوي واپاري گلاب را۽ جي بازيابي لاءِ اڳوڻي ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق صديقي پاران جوڙيل ٽيم  ايس ايڇ او کپرو گلزار مري ايس ايڇ او کاھي شريف جمالي سي آء اي انچارج سانگھڙ ذوالفقار پاھي انسپيڪٽر علڻ عباسي  سميت  مقابلن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن اھلڪارن کي معطل ڪري  سانگھڙ ضلعي مان شھيد بينظير آباد ضلعي ۾ ضلع بدر ڪري ڇڏيو  آھي .جنھن جي  سانگھڙپوليس پڻ تصديق ڪئي ۽  ٻڌايو ته الزام هيٺ سمورن آفيسرن ۽ اھلڪارن کي فون ذريعي اطلاع ڪري کين بنان دير جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاء پابند ڪيو ويو آهي …… ياد رهي تہ پنج مھينا آڳ  کپرو  واپاري گلاب رائي کي سندي زمين تي ويندي کپرو ۽ پيرونمل ٿاڻن جي گڏيل حدن مان اغوا ڪيو ويو ھو،جنھن جي اغوا واري ڪيس ۾  سانگھڙپوليس جي اٽالن  16مئي تي مبينا  جھول پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل سومار مهر کي عمرڪوٽ جي چانھيا پاڙي مان ۽ پيرومل پوليس ھٿان مبينا پوليس مقابلي۾ مارجي ويل علي حيدر رونجهو کي کپرو لڳ سندس ڳوٺ مان گرفتار ڪري کپرو ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو ھو ۽ 18مئي تي واپاري گلاب راء بازياب ٿي گهر پھتو ھو  ٻنھي مقتولن کي  19–20 مئي جي رات مبينا پوليس مقابلن ۾ ماريو ويو هيو  جن جي قتل خلاف وارثن سانگھڙ پوليس خلاف پھرين ڏينھن کان  احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ھو ،وارثن پاران سخت احتجاج تي  وزير اعلي سنڌ   پاران  نوٽيس ورتو ويو هو

مقتولن کي  19–20 مئي جي رات مبينا پوليس مقابلن ۾ ماريو ويو هيو 

جهول: مقتولن کي  19–20 مئي جي رات مبينا پوليس مقابلن ۾ ماريو ويو هيو  جن جي قتل خلاف وارثن سانگھڙ پوليس خلاف پھرين ڏينھن کان  احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ھو ،وارثن پاران سخت احتجاج تي  وزير اعلي سنڌ   پاران ڊي آئي جي ميرپورخاص ڊويزن ذوالفقار لاڙڪ جي سربراهي  ۾ انڪوائري ڪميشن  جوڙي  وئي ھئي جنھن جي رپورٽ ٽي مھينا گذري وڄڻ بعد اڄ تائين منظر عام تي نہ اچي سگهي آهي جنھن بعد مقتولن جي وارثن جي مسلسل احتجاج ۽ درخواست  تي وزير اعلي سنڌ نوٽيس وٺي  سندي اسپيشل ٽيم کي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن بابت ٻيھر انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو  جنھن بعد وزير اعلي سنڌ جي جوڙيل ٽيم  23جولائي تي سانگھڙ پھتي  ۽ ٻنھي مقتولن جي مبينا پوليس مقابلن وارا ھنڌ ڏٺا ۽ ٻنھي ٿاڻن تان مقتولن مٿان داخل ڪيسن جا ڪاغذ وٺي رواني ٿي وئي ۽ 25 جولاءِ تي  مقتولن جي وارثن کي بيانن لاءِ سڏائي سندن بيان ورتا،ٿيل انڪوائري بعد  مبينا پوليس مقابلن۾حصو وٺندڙ مٿين آفيسرن ۽ اھلڪارن جي معطلي عمل ۾ آڻي کين ضلعي بدر ڪيو ويو آهي

آرڊر کي پوليس آفيسرن سنڌ هائي ڪورٽ  سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ چيلينج ڪيو آهي

جهول: پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل سومار مھر جي ٻاء گل محمد مھر پاران سومار مھر جي قتل جي پوليس آفيسرن خلاف  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگھڙجي عدالت  کي ڏنل درخواست عدالت مان خارج ٿي ويئي  جنھن بعد ۾ مقتول سومار مھر جي ٻاء سنڌ ھاء ڪورٽ  سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾اڳوڻي ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق صديقي سميت مبينا پوليس مقابلي ۾ شامل پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي ۽ حيدر رونجهو جي والد مبارڪ رونجهو جي فرياد تي ايڊيشنل سيشن جج کپرو پڻ اڳوڻي ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق صديقي ۽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو مگر ان آرڊر کي پوليس آفيسرن سنڌ هائي ڪورٽ  سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ چيلينج ڪيو آهي 

Read Previous

پندرنهن سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جي لاءِ ايس او پيز جاري

Read Next

عاصم سليم باجوا جو خاص مددگار جي استعيفيٰ تان استعيفيٰ جو فيصلو

Most Popular