پندرنهن سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جي لاءِ ايس او پيز جاري

اسلام آباد: 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا ايس او پيز جاري ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا ايس او پيز جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت اسيمبلي ختم ڪئي وئي آهي. هاڻ شاگرد سڌو ڪلاس جي ڪمري ۾ ويندو. تعليمي ادارن ۾ داخلا جي وقت شاگردن جي اسڪريننگ لازمي ڪئي ويندي، نزلو، زڪام ۽ بخار جي صورت ۾ شاگرد کي ڪلاس وٺڻ جي اجازت  نه ڏني وڃي.روزاني 4-4 ڪلاڪن جي ٻن شفٽن ۾ ڪلاس ورتا ويندا. ملندڙ انگن اکرن موجب تعليمي ادارا کولڻ بابت حتمي فيصلو 7 سيپٽمبر تي ڪيو ويندو.

Read Previous

ڪراچي جي صافين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ ظالماڻو قدم آهي :امتياز شيخ

Read Next

کپرو واسي اغوا ٿيل واپاري جي بازيابي لاءِ جوڙيل جانڇ ٽيم ۾ شامل پوليس آفيسر معطلي بعد ضلعي بدر

Most Popular