ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون شهيدبينظيرآباد جي صدارت هيٺ پوليو بابت اجلاس

نوابشاھه:  ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون شهيدبينظيرآباد جنيد حميد سمون جي صدارت هيٺ پوليو خلاف قومي مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس دربارهال ۾ منعقد ٿيو اجلاس ۾ گذريل پوليو مهم دوران ٽيمن جي ڪارڪردگي بابت پڻ جائزو ورتو ويو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون چيو ته ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ ۽ انهن کي سڄي زندگي جي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو جي خاتمي واري مهم جو اهم ڪردار آهي جنهن لاءِ انتظامي آفيسرن کان علاوه يوسي ميڊيڪل آفيسرن ۽ پوليو ٽيمن تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو ان قومي فرض کي ايمانداري سان نڀائين. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي خطرناڪ بيمارين کان بچاءِ لاءِ حفاظتي ٽڪن جو ڪورس مڪمل ڪرايو وڃي ان مقصد لاءِ صحت مرڪزن جا انچارج اي پي آئي جي ڪم تي خصوصي ڌيان ڏين.ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پوليو مهم دوران ڪنهن سبب جي ڪري پوليو ٽيمن کي پنهنجي گهرن تي نه ملڻ وارن ٻارن ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا نه پياريندڙ والدين جي ٻارن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي ۽ واسطيدار تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر، تعلقه پوليو سپروائيزر  ۽ سياسي سماجي رهنمائن جي تعاون سان  انهن ٻارن کي  پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پياريا وڃن ان کان علاوه پوليو ٽيمن جي مائڪروپلان جو پڻ جائزو ورتو وڃي ۽ علائقي ۾ لاڏائو ۽ مزدوري لاءِ آيل عارضي ماڻهن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ تي پڻ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن جي ٽريننگ دوران ڪرونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن بابت پڻ آگاهي ڏيڻ کان علاوه پوليو ٽيمن کي حفاظتي تدبيرن تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته جئين وائرس کي ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي. ان موقعي تي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر شهيد بينظيرآباد ڊاڪٽر يارعلي جمالي ۽ پوليو بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر الله بخش راڄپر ٻڌايو ته ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ 21 کان 27 سيپٽمبر تائين پوليو خلاف منعقد ٿيندڙ قومي مهم دوران 5 سالن تائين عمر جي 3 لک 40 هزار 619 ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي انهي ڪم لاءِ 807 موبائل، 70 فڪس، 19 ايم ٽي،53 ٽرانزٽ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن اجلاس ۾ ريجنل ڪوارڊينيٽر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر عالم آزاد،ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو طارق علي سولنگي،ايم ايس پي ايم سي ڊاڪٽر آصف رضا بروهي،ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستار راٺوڙ،ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفئير محمد صابر قريشي،اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاھه شيراز علي لغاري،اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي،انفارميشن آفيسر شيرمحمد جمالي،ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر رياض احمد شر سميت پوليس،تعليم،صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

Read Previous

عاصم سليم باجوا جو خاص مددگار جي استعيفيٰ تان استعيفيٰ جو فيصلو

Read Next

اسان اميد ٿا ڪريون ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ملي ڪري ڪم ڪندي:بلاول ڀٽو

Most Popular