اسان اميد ٿا ڪريون ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ملي ڪري ڪم ڪندي:بلاول ڀٽو

ڪراچي: بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسان اميد ٿا ڪريون ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ملي ڪري ڪم ڪندي،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرادري چيو آهي ته 100 سالن کانپوءِ ايتري برسات پيئي آهي، برسات دوران عوام کي ڪافي ڏکاين جو منهن ڏسڻو پيو.هن جو چوڻ هو ته برسات ۽ سيلاب متاثرن جي بحالي ڪاڻ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻڌو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڪراچي پيو اچي، اميد آهي ته وزيراعظم اسان جي اميدن تي پورو لهندو.هن چيو ته اها به اميد ٿا ڪريون ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ملي ڪم ڪندي.بلاول ڀٽو چيو ته ٻن سالن کان پوءِ نظر پيو اچي ته وفاقي حڪومت ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ ڪاڻ سنجيده آهي پر صرف ڪراچي جي 3 نالن جي صفائي سان مسئلا حل نه ٿيندا.هن جو چوڻ هو ته ميرپورخاص، بدين، ۽ کپرو ۾ به عوام مشڪلاتن کي پيو منهن ڏئي، سنڌ جي وڏي وزير کي شاباس هجي جيڪو برسات دوران فيلڊ ۾ هو.پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته حڪومت ڪراچي ۾ بجلي جو اگهه وڌائڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇو ته سموري سنڌ ۾ برسات جي ڪري ڪافي نقصان ٿيو آهي ۽ فصل ٻڏي ويا آهن، اميد ٿا ڪريون ته وفاقي حڪومت هارين جي ڀرپور مدد ڪندي، سوات ۽ ٻين علائقن جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ٿا ڪريون، موجوده آفت دوران سموري ملڪ جو عوام وفاقي حڪومت ڏي ڏسي رهيو آهي، برسات متاثرن جي بحالي ڪاڻ وفاقي حڪومت سهڪار ڪري ۽ تباهه ٿيل گهر ٻيهر ٺاهڻ ۾ مدد ڪري.بلاول ڀٽو زرادري وڌيڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت چوي ٿي ته ڪراچي لاءِ تاريخي پيڪيج کڻي اچي رهيا آهيون، برسات متاثرن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي رليف جي ضرورت آهي.

Read Previous

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون شهيدبينظيرآباد جي صدارت هيٺ پوليو بابت اجلاس

Read Next

گڊو بئراج وٽ سنڌو دريا ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري

Most Popular