نصير آباد: برسات کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود شهر ۾ برسات جو پاڻي بيٺل

نصيرآباد:چوماسي جي برسات کي هڪ هفتو کان وڌيڪ ڏينهن گذري ويا ٽائون ڪميٽي نصيرآباد جي وارڊ نمبر نوء جا رھواسي اڄ تائين به عذاب جي زندگي گذارڻ تي مجبور محلي ۾بيٺل برساتي پاڻيءَ نيڪال نه ٿي سگهيو، مڇرن ۽ پاڻيءَ مان اٿيندڙ بدبوء رھواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، برسات جي بيٺل پاڻيءَ کي جلد نيڪال ڪرايو وڃي رھواسين جو ڊي سي قمبر ۽ٽائون انتظاميا کان مطالبو. تفصيل موجب:نصيرآباد ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 9 مهراڻ ڪالوني جي رھواسين جو ممتاز علي ڦلپوٽو، قربان علي چانڊيو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو تہ نصيرآباد ۾ پيل چوماسي جي برسات کي هفتي کان وڌيڪ ڏينهن گذرڻ باوجود ٽائون انتظاميا توڙي صفائي عملو اسان جي محلي مان برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي، بيٺل پاڻيءَ مان ٻڌبوء ڦهلجڻ لڳي آهي ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، پاڻيءَ جي بدبوء ۽ مڇرن جي آزار ڪري رهواسي مليريا سميت مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهيون،هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ٽائون انتظاميا ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي شڪايتون شڪايتون ڪيون آهن پر انهن جي ڪن لاٽار لڳي پئي آهي، محلي جي چوڌاري پاڻيءَ بيهڻ سبب اسان جي جڳهن جا ڪم لھي ويا آهن، اسان جي گھرن ۾ پاڻيءَ جي ڪري سيڪ پيدا ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري جڳھيون جهرڻ لڳيون آهن، رھواسين ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ، ٽائون انتظاميا کان جلد پاڻيءَ نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

Read Previous

ڪراچي ڪنگز جا پرڏيهي رانديگر رهيل ميچون کيڏندا: ڊين جونز

Read Next

پوري ملڪ جيان سجاول ۾ يوم دفاع پاڪستان جي ڏھاري تي ريلي

Most Popular