پوري ملڪ جيان سجاول ۾ يوم دفاع پاڪستان جي ڏھاري تي ريلي

سجاول:  پوري ملڪ جيان سجاول ۾ يوم دفاع پاڪستان جي ڏھاري تي سيرت ڪميٽي سجاول طرفان ڪڍي وئي.ريلي جي قيادت ضلعي اڳواڻ حافظ رياض ميمڻ ڪئي.ريلي شھر جو گشت ڪندي پبلڪ پارڪ پھتي جتي اڳواڻن حافظ رياض ميمڻ،الياس فاروقي،عاشق علي راھمون ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ يوم دفاع پاڪستان جو ڏينھن اسان جوش ۽ جذبي عقيدت ۽ احترام سان ملھائيندا آھيون.ان ڏينھن تي اسان جي پاڪ فوج جي جوانن پنھنجي زندگي خطري ۾ وجھي دشمن سان مقابلو ڪري انھن دشمنن جا ناپاڪ اراده مٽي ۾ ملائي ڇڏيا ھئا.اسان کي پاڪ فوج تي فخر آھي.ھنن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج جي شھيد جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.اسان ھر وقت پاڪستان جي فوج سان گڏ آھيون.

Read Previous

نصير آباد: برسات کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود شهر ۾ برسات جو پاڻي بيٺل

Read Next

خيرپور ڊي سي جي حڪم تي ڪارروائي، ڪڻڪ هٿ

Most Popular