اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنٿيا رچي کي ملڪ بدر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آبا: سپريم ڪورٽ آمريڪي صحافي ڊي رچي کي ملڪ بدري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي گهرو وزارت، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب آمريڪي عورت سنٿيارچي جي گهرو وزارت پاران ويزه رد ڪرڻ جي حڪم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي. سنٿيا ڊي رچي جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته گهرو وزارت ويزه رد ڪرڻ وقت نه سببن جو ذڪر ڪيو نه ٻڌو آهي.  چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ويزه رد ڪرڻ ۾ سببن جو  جو ذڪر ضروري نه آهي. هر روز  پاڪستانين جا ويزه رد ٿيندا  آهن پر ڪوبه سبب نٿو ٻڌايو وڃي. اوهان  جو گرائونڊ اهو ٺهي ٿو ته اوهان جي حوالي سان ڪيس ماتحت عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.  عدالت آمريڪي صحافي ڊي رچي کي ملڪ بدري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي گهرو وزارت، ڊي جي  ايف آءِ اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. جڏهن ته سنٿيا ڊي رچي کي حلفيه بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين سنٿيا ڊي رچي سمورن الزامن جي حوالي سان لکت ۾ آگاهه ڪري اسان يقيني بنائينداسين ته پٽيشنر سنٿيا ڊي رچي کي مڪمل انصاف ملي.

Read Previous

الله الله ڪري آخر اسڪول بابت فيصلو ٿي ويو

Read Next

سعودي عرب فلسطين مسئلي جو شفاف حل چاهي ٿو: شاهه سلمان

Most Popular