الله الله ڪري آخر اسڪول بابت فيصلو ٿي ويو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت 15 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ مرحليوار تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بين الصوبائي تعليم  واري وزارت جو اجلاس وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ تعليمي  ادارن جي لاءِ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪيو ويو. ذريعن موجب حڪومت 15 سيپٽمبر کان  سڄي ملڪ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جون ڪلاسون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته  سڄي ملڪ جون يونيورسٽيون به 15 سيپٽمبر کان کوليون وينديون. اجلاس ۾   تعليم وارن سمورن صوبائي وزيرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته صحت واري وزارت جي اختيارين ڪورونا بابت  بريفنگ به ڏني. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته وڏين ڪلاسن کي کولڻ کان پوءِ ڪورونا کي مانيٽر ڪيو ويندو جڏهن ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سختي سان ايس او پيز تي عمل ڪيو ويندو.  ڪورونا کي نظر ۾ رکندي هڪ هفتي کان پوءِ ڇهين کان اٺين ڪلاس جي سرگرمين جي شروعات ٿيندي. شاگردن کي ماسڪ سان گڏ تعليمي ادارن ۾ داخلا يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي ويندي. ان حوالي سان  سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته تعليمي ادارا 15 کان 30 سيپٽمبر جي دوران کوليا ويندا پر پهرين مرحلي ۾ نائين کان هائر  ڪلاس خاص طور تي ڪاليج کوليا ويندا. 22 سيپٽمبر کان ڇهين کان اٺين ۽ 30 سيپٽمبر کان پري پرائمري ۽ پرائمري ڪلاس شروع ڪيا ويندا. پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس چيو ته پنجاب ۾ به 15 سيپٽمبر کان پوءِ مرحليوار تعليمي ادارا کوليا ويندا. جڏهن ته ڪنهن به اسڪول ۾ ڊبل شفٽ نه ٿيندي.

Read Previous

لاڙڪاڻو: اياز علي ۽ اعجاز علي جا قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنٿيا رچي کي ملڪ بدر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular