نوابشاھه : ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا تحت ڀرتين بابت اجلاس

نوابشاھه : ڊپٽي ڪمشنر۽چيئرمين ڊپارٽمينٽل رڪروٽمينٽ ڪميٽي شهيدبينظيرآباد ابرار احمد جعفر جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا تحت مختلف کاتن ۾ ڀرتي لاءِ ڊپارٽمينٽل رڪروٽمينٽ ڪميٽي جو اڄ هڪ اجلاس دربارهال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستار راٺوڙ،ايڪسين هائي ويز نظيرحسين ميمڻ،ايڪسين آبپاشي حسن علي جلالاڻي،ايڪسين نصرت ڊويزن عطا محمد سميت ٻين ڪميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ابراراحمد جعفر چيو ته سڀني کاتن جا عملدار پنهنجي پنهنجي کاتي پاران فوتي ڪوٽا تحت ڀرتين جي لاءِ اميدوارن جا مڪمل ڪاغذ جاچ پڙتال ڪري وقت سرڪميٽي کي ڏياري موڪليا وڃن ته جئين انهن اميدوارن جا ڪيس منظوري کانپوءِ واسطيدارعملدارن کي موڪليو وڃي ته جئين سندن حق ميرٽ جي بنياد تي وقت سر ملي سگهي ڪميٽي جي اجلاس ۾ لوڪل گورنمينٽ جي 5، صحت کاتي جي 1، پي ايم سي اسپتال جي 2، هائي ويز ڊويزن جي 1، وائيلڊ لائيف جي 1، پروانشل هائي ويز جي 2، ايجوڪيشن ورڪس جي 1،ڊويزنل فاريسٽ آفيس جي 1،رورل ڊيولپمينٽ جي 1،آبپاشي کاتي جي 11،سيڪنڊري تعليم جي 4، پرائمري تعليم جي 13،روينيو کاتي جي 2 اميدوارن سميت سروس جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوارڊينيشن کاتي جي ريگيوليشن ونگ پاران موڪليل ڪيسن جو سپريم ڪورٽ ۽ چيف سيڪريٽري جي آفيس پاران مليل هدايتن تحت جائزو ورتو ويو انٽرويو ۽ ڪاغذن جي جاچ پڙتال بعد 20 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته وڌيڪ 18 اميدوارن کي ايندڙ اجلاس ۾ ٻيهر انٽرويو لاءِ سڏايو ويندو جڏهن ته ٻين رهيل اميدوارن جي ڪاغذن بابت واسطيدار ضلعي ڊپارٽمينٽل رڪروٽمينٽ ڪميٽي کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  

Read Previous

پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار

Read Next

کنڀي ڪيم ڪيل سردار ملاڻي جي بازيابي لاءِ ٻارڙن جو احتجاج

Most Popular