کنڀي ڪيم ڪيل سردار ملاڻي جي بازيابي لاءِ ٻارڙن جو احتجاج

گڏاپ : گڏاپ جي خميسي ڳوٺ کان 27 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل سردار ملاڻي جي ڀاء ۽ ان جي معصوم ٻارڙن پاران سماجي اڳواڻ سردار ملاڻي جون تصوير پلي ڪارڊ کڻي ۽ بينر احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي عبدالرحيم ڳوٺ جي مين بازار ٿيندي خميسي ڳوٺ جي جي ايم چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو,انڪل اوهان ٻڌايو اسان جي بابا جاني کي ڇو کنڀي گم ڪيوويو آھي ,سردار ملاڻي معصوم ٻارڙن جو صحافين آڏو سوال ,تفصيل موجب سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي نئين ڪراچي جي خميسي ڳوٺ مان 27 ڏينهن اڳ  اڌ رات جو پرائيويٽ ڪارن ۽ ويگو گاڏين تي سوار ٿي آيل سول ڊريس پهريل اهلڪارن گهر ۾ داخل ٿي سماجي اڳواڻ سردار ملاڻي کي گرفتار ڪري گهرن ڀاتين ۽ معصوم ٻارڙن آڏو تشدد ڪندا اکين تي پٽي ٻڌي کنڀي کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيو ۽ ان جي ڀاء ۽  معصوم ٻارڙن پاران عبدالرحيم کان ريلي ڪڍي هٿن ۾ سردار ملاڻي تصويرون ,پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي آزاد ,ڪيو آزاد ڪيو اسان جي بابل کي آزاد ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي خميسي ڳوٺ جي جي ايم چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ان موقعي سردار ملاڻي معصوم ٻارڙن صحافين سوال ڪندي چيو ته انڪل توهان ئي کڻي ٻڌايو ته اسان جي بابا سائين ڪهڙو ڏوھ ڪيو آھي جو ان کي کنڀي کڻي وڃي گم ويو آھي هنن چيو ته هن ڪڏھن اسان کي جهڙب ڏني هئي پوء ھن کي بيصور ڇو کڻي ويا آھن ان وقت احتجاج شامل معصوم سڀني ٻارڙن سميت سردارملاڻي جي ڀاء اختيار ملاڻي جي اکين مان لڙڪ لڙڪ ڪري پيا  پر اتي موجود صحافي به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا ۽ ھن چيو ته اسان وس وارن کي التجاء ٿا  ڪريون ته اسان جو بابل بي قصور آھي خدارا اسان جي بابل کي آزاد ڪيو وڃي اسان کي پنهنجي پياري بابا جاني جي ڏاڍي سڪ لڳي آھي اگر ان تي ڪو ڪيس وغيره آھي ته ان کي ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪريو تاڪه اسان ان سان ملاقات ڪري پنهنجي سڪ ته لاهيون ,هن معصومن هٿ جوڙي چيف جسٽس هائيڪورٽ آف سنڌ,ھوم سيڪريٽري سنڌ,ڊي جي رينجرس ۽ ٻين اختيارن اپيل ڪئي آھي ته اسان جي بابل کي آزاد ڪيو وڃي  ,

Read Previous

نوابشاھه : ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا تحت ڀرتين بابت اجلاس

Read Next

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران قادپور شينڪ بند جو دورو، ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو

Most Popular