هڪ ٻي ڀارتي اداڪاره آپگهات ڪري ڇڏيو

حيدرآباد: ڀارت ۾ فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ آپگهات جو رجحان وڌندو پيو وڃي ۽ هاڻ وري هڪ ٻي اداڪاره طرفان آپگهات جو واقعو سامهون آيو آهي. حيدرآباد پوليس موجب تيلگو اداڪاره ڪونڊا پلي سرواواني مبينا طور تي گهر ۾ خودڪشي ڪئي. پوليس عملدارن موجب مبينا آپگهات جو واقعو آڱاري جي ڏينهن پيش آيو، اداڪاره پنهنجي بيڊروم ۾ پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات، واقعي واري وقت اداڪاره جا گهر وارا به موجود هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته پهريان ديوراج نالي ماڻهوءَ سان لاڳاپا هئا ۽ جون ۾ اداڪاره ديوراج خلاف جنسي هراسمينٽ جي درخواست ڪئي هئي پر اداڪاره ٻيهر ديوراج سان ملڻ شروع ڪيو هو جنهن تي سندس گهر وارن کانئس پڇيو هو ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن رات ۾ اداڪاره آپگهات ڪري ڇڏيو. حيدرآباد پوليس عملدارن اداڪاره جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ديوراج خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران باليووڊ اداڪا سشانت سنگهه راجپوت سميت ڀارتي شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ 5 شخصيتن آپگهات ڪري چڪا آهن.

Read Previous

خيرپور ۾ ٻوڏ متاثرن جي ٻيڙي اونڌي، ٻه ٻار ٻڏي ويا

Read Next

عرب ليگ امارات ۽ اسرائيل معاهدي جي مذمت کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular