عرب ليگ امارات ۽ اسرائيل معاهدي جي مذمت کان انڪار ڪري ڇڏيو

قاهره: عرب ليگ متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيل معاهدي جي مذمت جي لاءِ فلسطين جي طرفان جمع ڪرايل قرارداد جي مسودي کي رد ڪري ڇڏيو. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري وڊيو ڪانفرنس ۾ فلسطيني اڳواڻن طرفان امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي مذمت لاءِ قرارداد جو مسودو  جمع ڪرايو ويو جنهن تي اتفاق نه ٿي سگهيو پر عرب ملڪن ۽ فلسطيني اڳواڻن ان کان پوءِ قرارداد ۾ 2002 جي عرب امن معاهدي ۽ رياستي حل تي زور ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.  خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪجهه عرب ملڪن امارات ۽  اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪيل معاهدي کي جائز تسليم ڪرڻ جي شق به قرارداد ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان عرب ملڪن جا نالا سامهون نه اچي سگهيا آهن.  واضح رهي ته گذريل مهيني امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ آمريڪا جي ٽياڪڙي سبب ٿيندڙ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي رسمي تقريب ايندڙ هفتي آمريڪا ۾ ٿيڻ واري آهي. فلسطين ان تقريب کان اڳ معاهدي تي عرب ليگ کان مذمتي قرارداد منظور ڪرائڻ چاهي ٿي جنهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي.

Read Previous

هڪ ٻي ڀارتي اداڪاره آپگهات ڪري ڇڏيو

Read Next

حزب الله جي مدد جو الزام، آمريڪا ٻن اڳوڻن لبناني وزيرن تي پابندي لڳائي ڇڏي

Most Popular