پهريون ڀيرو اسرائيلي ماڊل جو عرب سرزمين تي فوٽو شوٽ

دبئي : گذريل مهيني 15آگسٽ تي گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) تاريخي فيصلو ڪندي اسرائيل کي تسليم ڪري ان سان گڏيل لاڳاپا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ 29 آگسٽ تي گڏيل عرب امارتن جي حڪومت اسرائيل سان بيڪاٽ ختم ڪيو هو جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي بعد پهريون ڀيرو 31 آگسٽ تي اسرائيلي جهاز يروشلم کان ابوظهبي پهتو هو. ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن جي بحالي کان پوءِ جتي مسلمان دنيا گڏيل عرب امارتن تي ڇتي تنقيد ڪئي، اتي ئي اهي خبرون به سامهون آيون ته امڪاني طور تي ٻيا عرب ملڪ به اسرائيل کي جلد تسليم ڪري وٺندا. گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل ۾ لاڳاپن جي بحالي باوجود جيتوڻيڪ هن وقت تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ فضائي سفر شروع ناهي ٿيو نه ئي وري ٻنهي ملڪن جا شهري سياحت جي حوالي هڪ ٻئي جي ملڪ وڃي سگھن ٿا. پر امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جلد ٻنهي ملڪن ۾ فضائي سفر سوڌو سياحتي لاڳاپا به بحالي ٿي ويندا، جنهن کان پوءِ ڪو به اسرائيلي شهرين گڏيل عرب رياستن ۾ اچي سگھندو ۽ ڪو به يو اي اِي شهري اسرائيل وڃي سگھندو. پر ٻنهي ملڪن ۾ هن وقت تائين سياحتي لاڳاپا بحال نه ٿيڻ باوجود پهريون ڀيرو هڪ اسرائيلي مادل گڏيل عرب رياستن يو اي اِي ڄاول روسي مادل سان گڏ فوٽو شوٽ به ڪرايو. پرڏيهي خابرو اداري موجب عورتن جا لٽا ڊزائين ڪندڙ اسرائيلي برانڊ (فڪس) جي مشهوري لاءِ اسرائيلي مادل مي ٽيگر فوٽو شوٽ لاءِ دبئي پهتي. رپورٽ موجب مي ٽيگر گڏيل عرب رياستن جي رهواسي روس ڄاول ماڊل انستاسيا سان گڏجي دبئي جي رڻ ۾ عورتن جي لباس جو فوٽو شوٽ ڪرايو. اسرائيلي ماڊل سڌي ريت اسرائيل جي پاسپورٽ سان نه آئي هئي پر يورپ جي ڪنهن ٻئي ملڪ جي پاسپورٽ تحت يورپ ذريعي ئي يو اي اِي پهتي. اسرائيلي ماڊل گڏيل عرب امارتن جي ماڊل سان گڏ دبئي جي بيابان ۾ ڪرايل فوٽوشوٽ دوران پنهنجي ملڪ جو جهندو به اماراتي سرزمين تي ڦڙڪايو. ٻنهي ماڊلز جي وائرل تصويرن ۾ ٻنهي کي جسم تي پنهنجي پنهنجي ملڪ جو قومي پرچم پهريل ڏسي سگھجي ٿو.

Read Previous

غير اخلاقي ڊرامن تي پابندي لڳائڻ تي عتيقه اوڍهو پيمرا تي ڪاوڙجي پئي

Read Next

پوٽي پب جي گيم گيڏڻ لاءِ ڏاڏي جي لکين روپين جي پينشن داءُ تي لڳائي ڇڏي

Most Popular