غير اخلاقي ڊرامن تي پابندي لڳائڻ تي عتيقه اوڍهو پيمرا تي ڪاوڙجي پئي

ڪراچي: اداڪاره عتقيه اوڍهو غير اخلاقي مواد  ڏيکاريندڙ ڊرامن تي پيمرا طرفان لڳايل پابندي مان بالڪل خوش نه آهي. پاڪستاني اليڪٽراڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي پيمرا ڪجهه ڏينهن اڳ سماجي ۽ مذهبي اقدار جي ابتڙ مواد ڏيکارڻ تي پاڪستان نجي چينل جي ٻن ڊرامن(پيار ڪي صدقي) ۽ (عشقيه) جي نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. جتي ڊرامن جي پروڊيوسرز ۽ ڊائريڪٽرن پيمرا جي هن فيصلي تي ڪوبه تبصرو نه ڪيو اتي ڊرامه سيريل(پيار ڪي صدقي) ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره عتقيه اوڍهو پيمرا جي هن فيصلي مان بالڪل خوش نه آهي. گذريل ڏينهن عتيقه انسٽاگرام تي هڪ ڊگهي پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن ڊرامن تي پابندي لڳائڻ جي پيمرا جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو(ڇا واقعي پيمرا؟ جو اهوئي جمهوري طرز زندگي آهي؟ ڊرامن اهم معاشرتي مسئلا پيش ڪيا جنهن جي اصلاح جي ضرورت آهي.  ڊرامن ۾ ڏيکاريو ويندڙ مواد مان ماڻهن کي ذهني صحت، معاشرتي ناانصافين، منافقن ۽ طاقت جي غلط استعمال وغيره جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. جيڪڏهن اسان مواد تي ڄميل مٽيءَ کي صاف نه ڪنداسين ۽ ان تي بحث نه ڪنداسين ته اسان بطور هڪ قوم ڪڏهن به مثبت تبديلي طرف ترقي نه ڪنداسين. ڊرامو ڏسندڙن سان اهڙو سلوڪ بند ٿيڻ گهرجي. عتيقه اوڍهو پيمرا کي تجويز ڏيندي چيو ته پيمرا کي ڊرامن جي ذريعي معاشرتي آگاهي بيدار ڪرڻ جي پاليسي ٺاهڻي پوندي. پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ هن پي ٽي آءِ جي حڪومت تي طنز ڪندي چيو(تبديلي، تبديلي، تبديلي، انصاف انصاف انصاف).

Read Previous

عالمي شهرت ماڻيندڙ فٽبالر رونالڊو گولز جي سينچري مڪمل ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو

Read Next

پهريون ڀيرو اسرائيلي ماڊل جو عرب سرزمين تي فوٽو شوٽ

Most Popular