نصير آباد: ڪيڊ ڪاليج ۾ سپر اسٽار ۽ ٽائيگرز هيروز ۾ ميچ

نصيرآباد:ڪيڊٽ ڪاليج الحسيني گراؤنڊ تي سپر اسٽار ۽ٽائيگرز ھيروز جي وچ ۾ بيسٽ ٿري ميچز سيريز جو پھريون ميچ الحسيني گراؤنڊ تي کيڏيو ويو، سپر اسٽار 67 رنسن تان کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي،ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سپر اسٽار پنھنجي 10 اورن ۾ 162/3 اسڪور ڪيو، عامر کوکر  زبردست بيٽنگ ڪئي، عامر کوکر شاندار بيٽنگ ڪندي 94 رنسون ٺاھي آؤٽ ٿي ويو، ٽائيگرز ھيروز جي طرفان توحيد ڪامياب بالر رھيو جنھن 2/38 وڪيٽون ورتيون، سپر اسٽار جي ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٽائيگرز ھيروز پنھنجي گيم جي پڄاڻي تي صرف 95/7 رنسون ٺاھي سگھي،ٽائيگرز ھيروز طرفان شڪيل جي پرفارمنس بھتر رھيجيڪو  60 رنسون ٺاھي پويلين جي راھ ورتي،سپر اسٽار طرفان محمد نواز 4/17 وڪيٽون ورتيون،ميچ ۾ سٺي پرفارمنس ڏيڻ تي عامر کوکر کي مين آف ڌھ ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

Read Previous

عورت سان زيادتي جي ڪوشش، پوليس پاران متاثر عورت جي گهرڀاتين کي هي گرفتار ڪري ورتو

Read Next

سنڌ ۾ برسات سان ٿيندڙ تباهي تي وفاقي حڪومت جو رويو معنيٰ خيز آهي:مرتضيٰ وهاب

Most Popular