عورت سان زيادتي جي ڪوشش، پوليس پاران متاثر عورت جي گهرڀاتين کي هي گرفتار ڪري ورتو

راضيديرو: راضيديرو لڳ عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، عورت جون دانهون. پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران فريادي عورت جي ڀاتين کي گرفتار ڪري آئي. راڄوڻي لاءِ داٻا. متاثرن جو احتجاج. تفصيل موجب راضيديرو لڳ بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجهد ۾ هڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي هڪ عورت سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب مسمات تسليم خاتون زال خدا بخش گاد ويٺل ڳوٺ مجهد احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي  ته جوابدارن  عرس ، ناز ، برڪت ۽ ٻين گهر ۾ گهري زوري زنا جي ڪوشش ڪئي.  مون تي تشدد پڻ ڪيو ويو آهي. اها اين سي مون بهارو ٿاڻي پڻ ڪرائي آهي ،  پر بهارو پوليس ڳري رشوت عيوض جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪئي ويتر منهنجي گهر جا فرد ٻڌي انهن کي داٻا پئي ڏئي ته ٺهو نه ته توهان تي ايف آء آر داخل ڪنداسون. متاثر عورت ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آءِ جي سکر کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ايس ايڇ او بهارو خلاف قدم کڻي انصاف فراهم ڪيو وڃي. 

Read Previous

لاڙڪاڻو: وارثن پاران پنهنجي پيارن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

Read Next

نصير آباد: ڪيڊ ڪاليج ۾ سپر اسٽار ۽ ٽائيگرز هيروز ۾ ميچ

Most Popular