موٽروي تي عورت سان ”گينگ ريپ“ سبب شوبز شخصيتن ۾ ڪاوڙ جي لهر

لاهور:هڪ ڏينهن اڳ لاهور کان گوجرانوالا ويندي رستي ۾ عورت کي مبينا طور ”گينگ ريپ جو نشانو بڻايو ويو. اهڙي افسوسناڪ واقعي تي جتي ٻين ۾ ڪاوڙ پيدا ٿي آهي اتي شوبز شخصيتن ۾ پڻ ڪاوڙ پيدا ٿي آهي. ان موقعي تي اداڪاره ارمينا واقعي جي خبر کي شيئر ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته جوابدارن پيٽرول ختم ٿيڻ بعد مدد جي انتظار ۾ بيٺل عورت کي موٽر وي تي ڪار جا شيشا ڀڃي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ پوءِ ٻنيءَ ۾ وٺي سندس ٻارن سامهون ريپ جو نشانو بڻايو. اداڪاره لکيو آهي ته مذڪوره خبر کيس سميت ملڪ جي هر عورت کي ڏک ۾ مبتلا ڪيو آهي. گلوڪار عاصم اظهر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ريپ جي جوابدارن کي سرعام ڦاسي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اداڪاره مهوش حيات پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوال ڪيو آهي ته ڪيئن سنگاپور ۾ عورتون رات جو 4 وڳي به گهر مان نڪري وڃن ٿيون؟ هن پڇيو ته اهوئي احساس اسان جي ملڪ ۾ عورتن کي ڇو نٿو ٿئي؟

Read Previous

آنگ سان سوچي ”رائٽرز پرائز ڪميونٽي“ تان برطرف

Read Next

سشانت سنگهه ڪيس:ريا چڪرورتي جي ضمانت واري درخواست رد

Most Popular