سشانت سنگهه ڪيس:ريا چڪرورتي جي ضمانت واري درخواست رد

ممبئي: عدالت اداڪار سشنات سنگهه جي گرل فرينڊ اداڪاره ريا چڪرورتي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا موجب مبينا طور تي آپگهات ڪندڙ ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه جي ڪيس بابت منشيات جي استعمال ۽ خريداري جي ڪيس ۾ گرفتار ريا چڪرورتي ممبئي جي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست ڏني هئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي ان کان علاوه عدالت ريا چڪرورتي جي ڀاءُ شووڪ چڪرورتي ۽ ٻين 8 جوابدارن جي پڻ ضمانت جي درخواست رت ڪري ڇڏي آهي. عدالت طرفان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ بعد هاڻ ريا چڪرورتي کي 22 سيپٽمبر تائين ممبئي جي بائيڪلا جيل ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي رهڻو پوندو. ٻئي طرف ريا چڪرورتي جي وڪيل ممبئي جي هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست ڏيڻ جو اعلانن ڪيو آهي.

Read Previous

موٽروي تي عورت سان ”گينگ ريپ“ سبب شوبز شخصيتن ۾ ڪاوڙ جي لهر

Read Next

پاڻ کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ غيرمحفوظ ٿي سمجهان:عائشه عمر

Most Popular