وزيراعظم جو بلوچستان دورو، وڏي وزير ۽ ٻين سان ملاقاتون ، پهرين ترجيح پٺ تي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي آهي:عمران خان

ڪوئيٽا :  وزيراعظم عمران خان مختصر دوري تي بلوچستان پهتو، جتي هن وڏي وزير ڄمال ڪمال ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪيون آهن.وزيراعظم عمران خان ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۾ ملاقات دوران صوبي جي ترقي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيو ئي، جڏهن ته ڄام ڪمال وزيراعظم کي ترقياتي قدمن ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.وزيراعظم صوبائي حڪومت جي ترقياتي پروگرام ۽ امن لاءِ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڄام ڪمال کي وفاقي حڪومت طرفان ڀرپور سهڪار جي خاطري به ڪرائي.هوڏانهن وزيراعظم بلوچستان ڪابينا جي ميمبرن سان به مليو، جتي وڏو وزير ڄام ڪمال، وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ڊپٽي اسپيڪر پڻ موجود هو.عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت جي پهرين ترجيح پٺ تي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچستان سان واعدا ته ڪيا ويا پر عمل نه ٿي سگهيو.هن چيو ته بلوچستان لاءِ اسان جي حڪومت پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا، ايراضي جي لحاظ سان بلوچستان ۾ ترقي جا وڏا موقعا موجود آهن پر ان حوالي سان ترجيحون طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي.ٻئي پاسي وزيراعظم جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان، بحالي جي قدمن، صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ تدارڪ لاءِ قدمن، صوبي ۾ جاري ۽ اڳتي لاءِ ترقياتي رٿائن تي اڳڀرائي جي حوالي سان قدمن جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ وفاقي وزير، قومي اسيمبلي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال، صوبائي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل سميت ٻيون اختياريون شريڪ ٿيون.ان موقعي تي چيف سيڪريٽري صوبي ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب نقصانن، عوام کي طبي سهولتن، راشن جي فراهمي ۽ رليف سرگرمين جي حوالي سان قدمن تي بريف ڪيو.وزيراعظم ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته هن صوبائي حڪومت طرفان رليف قدمن کي ساراهيو.

Read Previous

سنڌ ۾ برسات سان ٿيندڙ تباهي تي وفاقي حڪومت جو رويو معنيٰ خيز آهي:مرتضيٰ وهاب

Read Next

نيب آئسوليشن مرڪزن ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي جاچ شروع ڪري ڇڏي

Most Popular