نيب آئسوليشن مرڪزن ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي جاچ شروع ڪري ڇڏي

لاهور:  قومي احتساب بيورو آئسوليشن مرڪز ۾ مبينا ڪرپشن جي شڪايتن تي جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو.قومي احتساب بيورو عالمي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بڻايل آئسوليشن سينٽر مرڪزن ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي ايڪسپو سينٽر، ڪالا شاهه ڪو يو اي ٽي ڪيمپس ۾ بڻايل مرڪزن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.نيب ذريعن موجب ٽنهي مرڪزن ۾ ٽينڊرز، بڊنگ ۽ سامان جي خريداري ۾ ڪرپشن جون شڪايتون مليون آهن، مرڪزن جي ٺيڪن ۾ من پسند ماڻهن کي نوازڻ جون شاهديون مليون آهن، ۽ شڪايت ملي آهي ته آئسوليشن سينٽر ۾ مهيا ڪيل شيون مهانگي اگهن تي خريديون ويون، ٽنهي مرڪزن تي پنجاب حڪومت، صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کان جاچ جاري آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آئسوليشن سينٽر ۾ گدن، وهاڻن، ڪمبلن، ڪرسين، ميزن ۽ پکن سميت ٻين شين جي خريداري بابت جاچ ڪئي ويندي، ۽ لاڳاپيل ادارن کان ڪاٺ جي ڪيبنن، شيشي جي دروازن، لوهه جي بيڊن، بيڊ شيٽن جي ڪاٿي جو ريڪارڊ گهريو ويو آهي، جڏهن ته شين جي خريداري کان پوءِ ڪيل آڊٽ جي رپورٽ به گهري وئي آهي.

Read Previous

وزيراعظم جو بلوچستان دورو، وڏي وزير ۽ ٻين سان ملاقاتون ، پهرين ترجيح پٺ تي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي آهي:عمران خان

Read Next

برطانيه ۾ چوٽيهه سالن جي عمر دوران ويهه ٻارن جي ماءُ بنجندڙ عورت

Most Popular