سوشل ميڊيا تي مشهوري: عائره خان ماهره کان گوءِ کڻي وئي

لاهور: اداڪاره عائزه خان سوشل ميڊيا تي مشهوري جو نئون رڪارڊ قائم ڪندي اداڪاره ماهره خان کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.  ميڊيا رپورٽ موجب عائزه خان جي انسٽاگرام تي فالوورز جو انگ 70 لک کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته ماهره خان جي فالوورز جو انگ 66 لک آهي.  عائزه خان  اها منزل حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايمن خان کان پوءِ ٻئي مشهور پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي آهي. ايمن خان  جي  فالوورز جو انگ 73 لک آهي. ٻئي طرف اداڪاره اقرا عزيز انسٽاگرام تي 50 لک فالوورز جي منزل حاصل ڪري ورتي آهي. عائزه خان پنهنجي پسنديدگي تي مداحن جو ٿورو ادا ڪيو آهي.

Read Previous

راحت ڪاظمي بابت بيان تي سخت تنقيد: عفت عمر وضاحتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون

Read Next

زيادتي جا واقعا: ڇا اوهان جي پارٽي جاڳي وئي آهي؟ فيروز خان جو بختاور کان سوال

Most Popular