زيادتي جا واقعا: ڇا اوهان جي پارٽي جاڳي وئي آهي؟ فيروز خان جو بختاور کان سوال

ڪراچي: پاڪستاني اداڪار فيروز خان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو کان عورتن ۽ ٻارڙين سان ٿيندڙ زيادتين جي حوالي سان سوال ڪندي چيو آهي ته ڇا اوهان جي پارٽي جاڳي وئي آهي.؟  لاهور موٽر وي تي عورت سان ٿيندڙ اجتماعي زيادتي جي ڏکوئيندڙ واقعي پوري ملڪ کي هلائي ڇڏيو آهي. عوام سان گڏ حڪومت ۽ شوبز جون مشهور شخصيتون به هن حادثي تي آواز اٿاري رهيون آهن ۽  جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن.  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور  ڀٽو به لاهور موٽر وي حادثي تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته مدرسن کان وٺي پارڪنگ، گهرن ۾ عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ زيادتي جي واقعن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۾ جنسي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. زيادتي معاف نه ڪرڻ جهڙو  ڏوهه آهي ۽ ان کان ڇوٽڪاري جو هڪ ئي حل آهي  اهو آهي تعليم. اسان کي مقابلو ڪرڻ، آواز اٿارڻ ۽ بهتر تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. فيروز خان بختاور ڀٽو جي ان ٽوئٽ تي رد عمل ڏيندي چيو ته مان اوهان کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ايترا سال اقتدار ۾ رهندي اوهان جي پارٽي ڇا ڪيو؟ ڇا اوهان جاڳي ويا آهيو.؟ واضح رهي ته فيروز خان هميشه ملڪي معاملن تي آواز اٿاريندو رهيو آهي.

Read Previous

سوشل ميڊيا تي مشهوري: عائره خان ماهره کان گوءِ کڻي وئي

Read Next

دوحه: افغان طالبان اسلامي نظام ۽ وڌيڪ قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular