آسٽريليا پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

مانچسٽر: آسٽريليا پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ انگلينڊ کي 18 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ ليڊ سان گڏ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ليگ جا 10 اهم پوائنٽ به حاصل ڪري ورتا آهن. ايرون فنچ اليون 9 وڪيٽون وڃائڻ کان پوءِ 295 رنسون ٺاهيون ۽ اوون مورگن اليون کي مقرر ڪيل اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 275 رنسن تائين محدود رکيو.  اولڊ ٽريفورڊ مانچسٽر ۾ آسٽريليا پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ جو ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.  آسٽريليا اسٽيو اسمٿ کي آرام ڏئي ماردوس لبوشان کي موقو ڏنو. انگلينڊ جي ٽيم ۾ جيسن روئي، جوروٽ ۽ ڪرس ووڪس جي واپسي ٿي آهي.  آسٽريليا 9 وڪيٽن جي نقصان تي 294 رنسون ٺاهيون. جنهن کان پوءِ انگلينڊ جي ٽيم بهترين راند کيڏڻ جي باوجود مقرر ڪيل 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 275 رنسون ٺاهي سگهي  جنهن کان پوءِ آسٽريليا 18 رنسن تان سوڀ حاصل ڪري ورتي ۽ ٽن ميچن جي سيريز ۾  برتري سان گڏ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ليگ ۾ پهريان 10 پوائنٽ به حاصل ڪري ورتا.

Read Previous

عرب اتحادي فوج جو حوثي باغين جي ٺڪاڻن مٿان حملو، چار ڊرون جهاز تباهه

Read Next

آءِ پي ايل ۾ پهريون ڀيرو آمريڪي رانديگر به حصو وٺندو

Most Popular