عرب اتحادي فوج جو حوثي باغين جي ٺڪاڻن مٿان حملو، چار ڊرون جهاز تباهه

رياض: سعودي عرب جي اتحادي فوج يمن ۾ حوثي باغين جي ٺڪاڻن مٿان حملو ڪري فوجي تنصيبات کي نشانو بنايو ۽ 4 ڊرون جهاز تباهه ڪري ڇڏيا.  عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب آچر جي صبح عرب اتحادي فوج يمني گادي واري شهر جي اتر ۾ واقع الديلمي هوائي اڏي کي نشانو بنايو جنهن جي  نتيجي ۾ حوثي  باغين جا 4 ڊرون جهاز تباهه ٿي ويا. پر عرب اتحادي طرفان ان  حملي جي ڄاڻ باضابطه طور تي جاري نه ڪئي وئي آهي. عرب اتحاد طرفان خميس تي رياض تي حوثين جي ڊرون حملي کي ناڪام بنائڻ کان پوءِ جوابي طور تي هي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته حوثين خميس جي ڏينهن ڪيل حملي ۾ سعودي عرب ۾ اهم حدفن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. هلندڙ سال ڌرين وچ ۾ جنگ بندي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻطرفن حملن ۾ شدت آئي هئي.

Read Previous

دوحه: افغان طالبان اسلامي نظام ۽ وڌيڪ قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

آسٽريليا پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular