هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جي ڌيءَ گول ڪيپر بڻجي وئي

لاهور: قومي هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان اڪبر جي ڌيءَ فضا سلمان به گول ڪيپر بڻجي وئي. هالينڊ جي مقامي ڪلب طرفان کيڏندي فضا 12 نمبر جي شرٽ پاتي ميچ ۾  مخالف ٽيم کي ڪوبه گول نه ٺاهڻ ڏنو. رپورٽ موجب پاڪستان جي اڳوڻي گول ڪيپر اولمپين سلمان اڪبر جي 12 ساله ڌيءَ فضا سلمان چار سالن کان هاڪي کيڏي رهي آهي هاڻ هو هالينڊ جي مقامي ڪلب جي انڊر 14 ٽيم جي گول ڪيپر بڻجي وئي آهي ۽ پنهنجي پيءُ سلمان اڪبر جيان 12 نمبر جي شرٽ پاتي آهي.  سلمان اڪبر ٻڌايو ته فضا هاڪي ته لاڳيتو کيڏي رهي آهي پر هاڻ هن پاڻ گول ڪيپر بنجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ڊيبيو ميچ ۾ ان جي خلاف ڪوبه گول نه ٿيو ۽ ڪلب ميچ کٽي ورتو.  قومي ٽيم جي اڳوڻي گول ڪيپر جو چوڻ هو ته اها ان جي لاءِ خوشي ۽ فخر جوڳي ڳالهه آهي ته فضا گول ڪيپر جي حيثيت سان پهريون ميچ کيڏيو.  هن چيو ته خوشي آهي ته ڌيءَ هاڪي سان لاڳاپيل آهي پر اها خبر نه آهي ته هو ڪيريئر ٺاهيندي يا نه پر ايترو ضرور آهي ته هاڪي رانديگر جي ڌيءَ هاڪي کيڏي رهي آهي.

Read Previous

پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ وقار يونس آسٽريليا کان پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو

Read Next

واٽس ايپ صارفين لاءِ ڪال بٽڻ ۽ ڊوڊل فيچر جلد متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular