پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ وقار يونس آسٽريليا کان پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيت ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. جنهن کان پوءِ وقار يونس سڊني کان لاهور لاءِ روانو ٿي چڪو آهي ۽ ان جي سڀاڻي رات جو لاهور واپسي جو امڪان آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وقار يونس جي پيءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وقار يونس انگلينڊ جي دوري کان پوءِ آسٽريليا هليو ويو هو جتي ڪورونا ايس او پيز سبب کيس قرنطينه ۾ رهڻو پيوهو. هاڻ وقار يونس قرنطينه مان نڪري گهر ڀاتين کان ملڻ سواءِ ئي سڊني کان لاهور جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. سندس گهر واري ٻڌايو آهي ته وقار يونس  قرنطينه واري هوٽل مان پاڪستان واپس  روانو ٿي ويو آهي ان سان اسان جي ملاقات نه ٿي سگهي آهي. وقار يونس جي گهر واري وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي لاءِ هي هڪ مشڪل وقت آهي.

Read Previous

آءِ پي ايل ۾ پهريون ڀيرو آمريڪي رانديگر به حصو وٺندو

Read Next

هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جي ڌيءَ گول ڪيپر بڻجي وئي

Most Popular