پاڪ فوج جي ڪارروائي، دهشتگرد احسان الله سنڙي ٽن ساٿين سميت مارجي ويو

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان جي ضلعي حدن ويجهو هڪ ڪارروائي دوران دهشتگرد ڪمانڊر احسان الله سنڙي 3 ساٿين سميت مارجي ويو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ناصر شهيد ۽ ڪيپٽن صبيح شهيد تي حملن جي پلاننگ ۽ ڪارروائي ۾ دهشتگرد ڪمانڊر احسان الله سنڙي ملوث هو. آءِ ايس پي آر موجب احسان الله سنڙي گهڻين دهشتگرد ڪارروائين جو ماسٽر مائينڊ هو.   آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد احسان الله سنڙي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اغوا براءِ تاوان ۽ ڀتا خوري جي وارداتن ۾ سي ٽي ڊي کي گهربل هو.

Read Previous

واٽس ايپ صارفين لاءِ ڪال بٽڻ ۽ ڊوڊل فيچر جلد متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

گوجرانوالا ۾ ويڳي پيءُ 17 سالن جي ڌيءَ کي زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو

Most Popular