گوجرانوالا ۾ ويڳي پيءُ 17 سالن جي ڌيءَ کي زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو

گوجرانوالا: گوجرانوالا ۾ ويڳي پيءُ 17 سالن جي ڌيءَ کي مبينه طور تي زيادتي جو نشانوبنائي ڇڏيو.  پوليس موجب واقعو گذريل ڏينهن گوجرانوالا ۾ دهلي ٿاڻي جي علائقي ۾ پيش آيو. رپورٽ موجب 17 سالن جي ڇوڪري جو پيءُ فوت ٿيو ته ماءُ ٻئي شادي ڪري ورتي. جوابدار گهر ۾ اڪيلو هجڻ تي ڌيءَ کي مبينه طور تي زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو. متاثر ڇوڪري کي ميڊيڪل ٽيسٽ جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته متاثر ڇوڪري پاران رڙيون ڪرڻ تي پاڙيوارن پوليس کي گهرائي جوابدار کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. پوليس جوابدار کي گرفتار وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

Read Previous

پاڪ فوج جي ڪارروائي، دهشتگرد احسان الله سنڙي ٽن ساٿين سميت مارجي ويو

Read Next

نوشهروفيروز ۾ احتجاجي مظاهرو، عورت سان انصاف مطالبو

Most Popular