گهوٽڪي: قومي شاهراهه تي روڊ حادثو 3 ڄڻو فوت، ڪيترائي زخمي

گهوٽڪي: گھوٽڪي قومي شاھراھ تي ٽول پلازا وٽ ٻن ٽرالن ۽ مزدا وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر نتيجي ۾  ٽرالر ۽ مزدا ۾ سوار ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت  چار ڄڻا زخمي ,فوتين ۾ اسد نواز ,محمد شھبان ۽ بلاول شامل آھن جڏھن ت زخمين ۾ دلاور, اياز راجپوت, اعجاز ۽ ڪاشف گجر شامل آھن, زخمين کي تعقا اسپتال گھوٽڪي ۾ منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ت فوتين جا لاش ب اسپتال آندا ويا آھن, حادثو بيٺل ٽرالر کي پٺيان ٻئي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ کان پوء مزدا جو ب پٺيان ٽڪر لڳڻ جي ڪري پيش آيو.

Read Previous

فيصل آباد ۾ ڇوڪريءَ سان اجتماعي لڄالٽ

Read Next

نئين ڊوميسٽڪ سيزن لاءِ رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ اڄ کان شروع ٿيندي

Most Popular