فيصل آباد ۾ ڇوڪريءَ سان اجتماعي لڄالٽ

فيصل آباد:فيصل آباد ۾ ٻن جوابدارن بيمار ماءُ کي دوا وٺي ڏيڻ بهاني ڇوڪريءَ کي گهرائي اجتماعي لڄالٽ جو شڪار بڻايو. پوليس موجب جڙانوالا جي علائقي ۾ ٻن جوابدارن زبير ۽ اصغر ڇوڪريءَ کي اجتماعي لڄالٽ جو شڪار بڻايو. متاثر ڇوڪري پوليس کي ٻڌايو ته سندس والده شوگر جي مريض آهي جوابدارن کيس فون ڪري چيو ته هنن ٻاهرين ملڪ مان شوگر جي دوا گهرائي آهي تنهن ڪري والده جي لاءِ تون به دوا وٺڻ اچ جڏهن آئون دوا وٺڻ لاءِ ويس ته جوابدارن مون سان لڄالٽ ڪئي. پوليس ڇوڪريءَ جي درخواست تي ٿاڻو سٽي جڙانوالا ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. 

Read Previous

حمزه شهباز کان پوءِ سندس گهر واري جي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي

Read Next

گهوٽڪي: قومي شاهراهه تي روڊ حادثو 3 ڄڻو فوت، ڪيترائي زخمي

Most Popular