ڪورونا ۾ مبتلا ملائڪه اروڙا جلد کان جلد ويڪسين تيار ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

ممبئي:  ڪورونا 19 پازيٽو اچڻ کان پوءِ پنهنجي ئي گهر ۾ قرنطينه اختيار ڪندڙ مشهور آئٽم سانگ ڊانسر ملائڪه اروڙا ڪورونا ويڪسين جي مارڪيٽ ۾  دستيابي جي لاءِ بيچين بڻيل آهي.  ڪورونا وبا دوران سڀني کان تڪليف ڏيندڙ ٽائيم قرنطينه جا ڏينهن هوندا آهن. جڏهن مريض کي اي سمٽوميٽڪ يعني بنا ڪنهن نشاني جي صرف ٽيسٽ پازيٽو اچڻ يا اهڙن ملڪن مان واپسي تي جتي ڪورونا جي وبا هجي اتي ترسڻو پوندو آهي.  بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ملائڪه اروڙا به هن وقت قرنطينه جي ساڳئي بوريت وارن ڏهاڙن ۾ وقت گذاري رهي آهي. هو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ گهر ۾ ئي رهندي ۽ ڪنهن سان به نه ملندي.  اڃان قرنطينه کي ڪجهه ئي ڏينهن گذريا آهن ته ملائڪه اروڙا سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته(ڪابه ويڪسين ڪڍي ڇڏيو، نه ته هي جواني نڪري ويندي)  ان سان گڏ ئي هن کلڻ واري ايموجيز به وجهي ڇڏي. ملائڪه اروڙا ته اها پوسٽ مزاحيه انداز ۾ چئي. پر اها حقيقت آهي ته ڪروڙين ماڻهن کي متاثر  ڪندڙ ۽ لکين ماڻهن کان حياتيون کسيندڙ ڪورونا جي خلاف ويڪسين جي تياري ۽ دستيابي جي لاءِ هر ڪو انتظار ۾ آهي جنهن جو سال جي آخر تائين تيار ٿيڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

نئين ڊوميسٽڪ سيزن لاءِ رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ اڄ کان شروع ٿيندي

Read Next

ارطغرل غازي جي اسريٰ بلجڪ اردو زبان سکڻ جي شروعات ڪري ڇڏي

Most Popular