ارطغرل غازي جي اسريٰ بلجڪ اردو زبان سکڻ جي شروعات ڪري ڇڏي

لاهور: تاريخي ڊرامي ارطغرل غازي مان شهرت ماڻيندڙ ترڪ اداڪاره اسريٰ بلجڪ پاڪستان ۾ به  مشهوري ماڻي ورتي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ هن اردو  زبان به سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ارطغرل ۾ پنهنجي ڪردار حليمه سلطان مان شهرت ماڻيندڙ اسريٰ بلجڪ جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو   هلي رهي آهي جنهن ۾ هن اردو ۾ استعمال ٿيندڙ عام لفظ سکندي ۽ ان جو انگريزي ۽ ترڪي زبانن ۾ ترجمو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اسريٰ بلجڪ هن وڊيو ۾ اردو جي محاوري صحيح وقت تي صحيح جڳهه تي ٿيڻ کي بالڪل درست لفظ سان گڏ ادا ڪري حيران ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه پنجابي لهجي ۾ آيا تي چها گيا به ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اداڪاره(بهت اعليٰ) جي ڳالهه ڪئي ۽  جڳاڙ جهڙا لفظ به بهتر طريقي سان ادا ڪيا ۽ لفظ چيتي کي پنهنجو پسنديده لفظ قرار ڏنو. پاڪستاني تهذيب ۽ ڪلچر مان متاثر اداڪاره اسريٰ بلجڪ ٻن منٽن جي وڊيو جي ختم ٿيڻ تي اردو لفظن جي ادائيگي جي مشق سان مزو ماڻيندي نظر آئي. ان کان اڳ هڪ وڊيو ۾ اسريٰ بلجڪ  ڪيترن ئي پاڪستاني کاڌا  آزمايا ۽  مرغي واري برياني کي پاڪستان جي پهرين نمبر جي ڊش جي طور تي چونڊ ڪيو هو.

Read Previous

ڪورونا ۾ مبتلا ملائڪه اروڙا جلد کان جلد ويڪسين تيار ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

Read Next

زيادتي جي ڪيسن ۾ ملوث ڏوهارين جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ گهرجي: بشريٰ انصاري

Most Popular