ڪار ۽ ڊمپر جي ٽڪر ۾فوت ٿيل 4 ڄڻن جي جنازا نماز نصيرآباد لڳ ادا ڪئي وئي

نصيرآباد:  ٽنڊو مستي لڳ ھاء وي  تي ڪار ۽ ڊمپر جي وچ ۾ ٿيل خوفناڪ حادثي ۾ نصيرآباد تعلقي جي ڳوٺ حمزو ڀٽي جا رهواسي 4 فوت 2 زخمي ٿي پيا هئا،فوتين ۾ اي ايس آئي عبدالغفار ڪلھوڙو، آصف علي ڀٽي،نجم الدين ڀٽو ۽ مولابخش ڀٽي ٿڌي تي فوت ٿي ويا هئا،جڏھن ته  ڪفايت ڀٽي ۽ امجد ڀٽي زخمي ٿي پيا جن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،اهڙي اطلاع ملڻ تي ڳوٺ ۾سوڳوار وارو ماحول پيدا ٿي ويو، فوتن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي قامت صغرا پرپا ٿي وئي ۽ڳوٺ ۾ خوف وارو حراس پيدا ٿي ويو، فوتن جي گهرن ۾ڪهرام مچي ويو، فوت ٿيلن جي جنازه نماز ڳوٺ حمزو ڀٽي جي عيد گاھ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڳوٺاڻن سميت سياسي سماجي ڌرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، هوڏانهن هڪ هنڌ 4جنازا کڄڻ وقت هر اک ڀنيل هئي ،مرحومن کي اباڻي قبرستان ۾مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. 

Read Previous

ريلوي پوليس جي تشدد ۾ هوش وڃائي ويٺل نوجوان جي طبعيت ۾ سڌارو نه آيو،ڪنهن نوٽيس نه ورتو

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان احتجاج جاري

Most Popular