لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان احتجاج جاري

لاڙڪاڻولاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري رکندي، پنهنجي پيارن جا تصويرن وارا بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، رحمت خاتون سومرو، عبداللطيف سولنگي، عبدالڪريم ٽڳڙ، نظر محمد مغيري ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل اسان جا نوجوان انصاف دايو، غلام مرتضيٰ سولنگي، ڪاشف علي ٽڳڙ، غلام عمر مغيري، شيراز احمد ۽ فراز سومرو اڃان تائين آزاد نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري اسان سمورا وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا آهيون، اسان جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن بيگناھ آهن، جيڪي ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن نه ئي سندن تعلق ڪنهن سياسي تنظيم سان رهيو آهي، ان باوجود اسان جي نوجوانن کي کنڀي قيد ڪيو ويو آهي، جن جي جبري گمشدگين خلاف اسان مسلسل احتجاج ڪري سندن آزادي لاءِ اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي. 

Read Previous

ڪار ۽ ڊمپر جي ٽڪر ۾فوت ٿيل 4 ڄڻن جي جنازا نماز نصيرآباد لڳ ادا ڪئي وئي

Read Next

پ پ اڳواڻ مير بابر خان لنڊ ڏھرڪي ۽ مختلف اسڪولن جا دورا ڪيا

Most Popular