ڪراچي پيڪيج جي استعمال ۽ نگراني لاءِ ڏهه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي:   ڪراچي پيڪيج جي منصوبن ۽ فنڊنگ،  استعمال ۽ نگراني جي لاءِ 10 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي جو چيئرمين سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه هوندو. ڪميٽي  جي ميمبرن ۾ چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر به شامل هوندا. سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ۾ فائيو ڪور، اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي نمائنده به شامل هوندا. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي لاءِ يارنهن سئو ارب روپين جي  پيڪيج جو اعلان ڪيو هو. ڪراچي گريٽر واٽر سپلاءِ منصوبي جي لاءِ 46 ارب روپيه رکيا ويا آهن. ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي لاءِ 300 ارب روپيه مقرر ڪيا ويا آهن. گرين لائن بي آر ٽي منصوبي جي لاءِ 5 ارب روپيه رکيا ويا آهن. ريلوي فرنٽ ڪوريڊور منصوبي جي لاءِ 131 ارب روپيه رکيا ويا آهن. نالن جي بحالي جهڙن منصوبن جي لاءِ 254 ارب روپيه رکيا ويا آهن.  وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي لاءِ يارنهن سئو ارب روپيه پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو هو ته وفاق ۽ سنڌ  هن ۾ حصو وجهندا. منصوبن تي 62 سيڪڙو رقم وفاق ۽ 38 سيڪڙو سنڌ حڪومت خرچ ڪندي. وزيراعظم چيو هو ته ڪراچي پاڪستان جو اهم ترين شهر ۽ معاشي حب آهي ان جي مسئلن جو حل گڏيل تعاون سان ممڪن آهي. وزيراعظ۾ عمران خان چيو  هو ته ڪراچي  جي مسئلن ۽ عوام جي پريشانين تي اکيون بند نٿا ڪري سگهون. ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ وفاق پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

Read Previous

عورت اسڪرٽ ۾ هجي يا برقعي ۾، جتي به هجي جيڪا به هجي ان جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي : ماهرا خان

Read Next

اي پي سي: بلاول ڀٽو اپوزيشن پارٽين سان رابطن جي ذميواري قمرزمان ڪائره حوالي ڪري ڇڏي

Most Popular