اي پي سي: بلاول ڀٽو اپوزيشن پارٽين سان رابطن جي ذميواري قمرزمان ڪائره حوالي ڪري ڇڏي

لاهور: بلاول ڀٽو زرداري اي پي سي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ پنجاب ۾ اپوزيشن پارٽين سان رابطن جي ذميواري قمرالزمان ڪائره حوالي ڪري ڇڏي آهي.  پ پ جي ذريعن موجب تحريڪ  انصاف جي حڪومت خلاف امڪاني تحريڪ جي لاءِ نئين صف بندي لاءِ تياريون جاري آهن. گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور جو هڪ ڏينهن جو هنگامي دورو ڪيو جنهن جو مقصد اپوزيشن پارٽين تي ٻڌل 20 سيپٽمبر تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻي هئي.  ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته موجوده ملڪي سياسي ۽ معاشي  صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن اسان اپوزيشن عوام کي روڊن تي نه آندو ته جتي موجوده حڪمران قصوروار هوندا اتي عوام اپوزيشن پارٽين کي به معاف نه ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي اڳواڻن به قيادت کي مشورو ڏنو آهي ته اي پي سي ۾ مڊٽرم اليڪشن تي زور ڏنو وڃي ۽ ان تياري سان گڏ اي پي سي ۾ شرڪت ڪندڙ وفد کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي پر اڃان تائين اي پي سي جي حوالي سان پارٽي ۾ صلاح مشورا جاري آهن.  ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ايندڙ آڪٽوبر ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جو طوفاني دورو طئي ٿيل آهي. ايندڙ مهيني بلاول ڀٽو زرداري صادق آباد کان پنجاب جي دوري جي شروعات ڪندو.

Read Previous

ڪراچي پيڪيج جي استعمال ۽ نگراني لاءِ ڏهه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

متحد قوم کي ڪو به خطرو ڪمزور نٿو ڪري سگهي: آرمي چيف

Most Popular