ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي مرڪزي اسپانسر معاهدي ۾ واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو

جوهانسبرگ:  ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ بدانتظامي سبب اسپانسرز به سندس ساٿ ڇڏي ويا. ون ڊي ٽيم جي مُک اسپانسر معاهدي جي واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو بورڊ جي موجوده حالتن مان مطمئن نه آهي ان لاءِ نه صرف اپريل 2021 ۾ ختم ٿيندڙ معاهدي  ۾ واڌ نه ڪندي پر ايج ۽ اسڪول ليول تي  سمورا اسپانسر شپ به ختم ڪري رهيا آهن. البته وومين ٽيم کي 2003  تائين اسپانسر ڪندا رهندا. ان دوران بورڊ تي انتظامي اصلاحن لاءِ دٻاءُ به برقرار رکيو ويندو.

Read Previous

سيڪيورٽي ڪائونسل ڪشميرين سان ڪيل واعدا پورا ڪري: او آءِ سي

Read Next

وڌيڪ آمدني: ميسي رونالڊو کي پهرين پوزيشن کان محروم ڪري ڇڏيو

Most Popular