سيڪيورٽي ڪائونسل ڪشميرين سان ڪيل واعدا پورا ڪري: او آءِ سي

جنيوا: اسلامي تعاون تنظيم گڏيل قومن جي  انساني حقن بابت ڪائونسل کي فلسطين ۽ والاريل ڪشمير سميت دنيا جي ٻين خطن ۾ مسلمانن جي خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي آواز اٿارڻ جي لاءِ زور ڏنو آهي.  ريڊيو پاڪستان موجب جينيوا ۾ جاري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي بيان ڏنو. هن چيو ته او آءِ سي کي دنيا ۾ اسلام فوبيا ۽ مذهبي عدم برداشت  جي وڌندڙ واقعن تي  گهري ڳڻتي آهي. هن فرانسيسي ميگزين طرفان گستاخانه خاڪن جي اشاعت ۽ مذهبي ڪتابن کي ساڙڻ جهڙن واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته مذهبي جذبن کي مجروح   ڪرڻ، رد عمل تي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش آهي. اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙين ڪوششن کي جواز فراهم نٿو ڪري سگهجي. او آءِ سي جي بيان ۾ ڀارت جي ڪنٽرول هيٺ جمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي پامالي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. او آءِ سي ڪشمير تي گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جي رپورٽن ۾ ڏنل تجويزن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. بيان ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي ڪشميرين سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن.

Read Previous

ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، وڌيڪ ٻه ڪشميري نوجوان شهيد

Read Next

ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي مرڪزي اسپانسر معاهدي ۾ واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular