زال ٽڪ ٽاڪ تي فالوورز وڌائڻ لاءِ مڙس جي فوت ٿيڻ جي ڪوڙي خبر وائرل ڪري ڇڏي

لاهور: رحيم يار خان ۾ زال فالوورز وڌائڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ تي مڙس جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي ڪوڙي خبر وائرل ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ شهرين جو وڏو انگ سندس گهر جي ٻاهران جمع ٿي ويو. رپورٽ موجب تعلقي لياقت پور جي علائقي رشيد آباد جي رهواسڻ عورت پنهنجي مڙس جي ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ جي ڪوڙي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ ويجهين مسجدن ۾ اعلان ڪرايا ويا. خبر ٻڌي شهرين جو وڏو انگ افسوس ڪرڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ اسٽار عادل جي گهر جي ٻاهران پهچي ويا. شهرين جڏهن عادل کي زنده ڏٺو ته شهرين جي چهري جا رنگ اڏامي ويا جنهن تي شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته انساني جذبن کي مجروح ڪرڻ تي عادل ۽ ان جي زال مٿان قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

Read Previous

قومي ٽي ٽوئنٽي ڪپ سان پي ايس ايل جي تياري جو سٺو موقعو ملي سگهندو: وهاب رياض

Read Next

لاڙڪاڻو: نور ڪالوني واسي عورت پاران معصوم ٻارڙن سان گڏ بااثر خلاف احتجاج

Most Popular