لاڙڪاڻو: نور ڪالوني واسي عورت پاران معصوم ٻارڙن سان گڏ بااثر خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي نور ڪالوني جي رهواسڻ عورت طرفان معصوم ٻارڙن سان گڏجي بااثرن جي مبينا ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورت عابده خاتون وڳڻ پنهنجي معصوم ٻارڙن عامر، رابيل، دعا ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجو بااثر ڀيڻيو صديق وڳڻ رات جي وقت بيگناھ گهر ۾ داخل ٿي مون سميت معصوم ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو، اهڙي واقعي جو ڪيس مان لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ داخل ڪرايو آهي، جنهن کان پوءِ ڀيڻيو صديق وڳڻ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مونکي موتمار ڌميڪون ڏئي رهيو آهي، جنهن مان مونکي ۽ منهنجي معصوم ٻچن کي جان جو خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر ڀيڻيو خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.   

Read Previous

زال ٽڪ ٽاڪ تي فالوورز وڌائڻ لاءِ مڙس جي فوت ٿيڻ جي ڪوڙي خبر وائرل ڪري ڇڏي

Read Next

لاڙڪاڻو ۾ کنڀي گم ڪيلن جا وارث سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular