پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي بائيڪاٽ باوجود ڪيترائي اهم قانون منظور

اسلام آباد  : پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي بائيڪاٽ باوجود دهشتگردي روڪ ٽيون ترميمي بل 2020، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل 2019 ۽ اسلام آباد وقف املاڪ بل 2020 منظور ڪيا ويا، ان سان گڏوگڏ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ترميمي بل ۽ سرويئنگ اينڊ ميپنگ ترميمي بل به منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ضمني ايجنڊي تحت ميڊيڪل ٽربيونل بل 2019 ۽ اسلام آباد معذور ماڻهن جي حقن جي تحفظ جو بل 2020 پڻ منظور ڪيو ويو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مني لانڊرنگ روڪ ترميمي بل جي منظوري جو عمل شروع ٿيو ته پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ مليڪه بخاري جي پيش ڪيل شقن کي منظور ڪيو ويو، جڏهن ته اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪيون ويون. اسپيڪر اسد قيصر، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ بابر اعواڻ جي مخالفت تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ٻنهي جو موقف هو ته رڳو ان ئي ميمبر کي فلور ملي سگهي ٿو، جنهن کي ترميم پيش ڪرڻي هجي. بلن جي منظوري دوران اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بل پيش ڪرڻ جي رٿ تي راءِ شماري دوران اپوزيشن ميمبرن احتجاج ۽ گوڙ ڪيو، جنهن کانپوءِ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر هٿين پئجي ويا. اپوزيشن سينيٽر رضا رباني، بابر اعواڻ طرفان رٿ پيش ڪرڻ تي اعتراض واريو ۽ چيو ته وزير انچارج هن وقت وزيراعظم آهي، صلاحڪار رٿ پيش نٿو ڪري سگهي. قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته قانون ۾ اهڙي ڪا رنڊڪ ناهي، نه ئي ڪو عدالتي فيصلو موجود آهي، جيڪڏهن آهي ته ڏيکاريو. اجلاس دوران جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ اسپيڪر اسد قيصر وچ ۾ به سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اسد قيصر چيو ته تقرير جو شوق پورو نه ڪيو، جنهن تي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته اسپيڪر خاص مددگار جي غلامي ۾ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ پارليامينٽ جي توهين ڪري رهيو آهي. اپوزيشن عددي اڪثريت باوجود پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي بلن جي منظوري نه روڪرائي سگهي. ٻنهي ايوانن ۾ مجموعي طور تي اپوزيشن وٽ حڪومتي بئنچن کان 10 وڌيڪ ووٽ موجود هئا. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بابر اعواڻ متروڪه وقت املاڪ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي اپوزيشن جي گوڙ باوجود منظور ڪيو ويو، پوءِ بابر اعواڻ اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل 2020 پيش ڪيو، ان کي به پارليامينٽ منظور ڪري ورتو. اجلاس دوران اپوزيشن ڪارروائي جو واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو پر حڪومت طرفان قانونن جي منظوري جو عمل جاري رهيو. اينٽي مني لانڊرنگ بل جي منظوري کانپوءِ بابر اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل 2019 گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ۽ ان کي به اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. حڪومت پارليامينٽ مان واڪ آئوٽ کانپوءِ اپوزيشن جي غير موجودگي جو فائدو وٺندي ضمني ايجنڊي تحت پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن بل 2019 به منظوري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو ۽ اهو بل به اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ ئي وفاقي وزير شيرين مزاري معذورن جي حقن بابت بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جيڪو به اڪثريتي راءِ سان منظور ٿي ويو.

Read Previous

گهوٽڪي شهر جي محله بگي واھ ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگر فوت

Read Next

”مني لانڊرنگ بيهي وئي ته قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي“

Most Popular