”مني لانڊرنگ بيهي وئي ته قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي“

اسلام آباد  : وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس جو اڌ پيسو قرضن ۾ هليو ويندو آهي ته ملڪ ڪيئن هلايون. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته اهم قانون سازي تي سمورن اتحادين کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، پارٽي ميمبر ۽ اتحادي اڄ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. وزير اعظم چيو ته موٽر وي واقعي تي سڄو ملڪ لُڏي ويو، اهڙن واقعن جي خاتمي لاءِ قانون سازي ضروري آهي اسان کي اهڙي قانون سازي ڪرڻ گهرجي جنهن سان ٻارن ۽ عورتن کي تحفظ ملي، عالمي ڊيٽا ٻڌائي ٿي ته زيادتي ڪندڙ ڪيترائي ڀيرا اهو ڏوهه ورجائيندا آهن جڏهن ته متاثر ماڻهو اهڙا واقعا گذرڻ کان پوءِ هميشه تڪليف ۾ رهندا آهن، موٽر وي واقعي جو جوابدار عابد پهرين به گينگ ريپ ۾ ملوث رهيو، پهريون ڀيرو ڏوهه کان پوءِ عابد کي سخت سزا نه ملي، خبر ناهي جوابدار عابد ڪيترا ڏوهه ڪيا هوندا جيڪي رپورٽ ئي ناهن ٿيا. اسان کي پوليسنگ جي نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي ڏوهه جي اهڙي سزا هئڻ گهرجي جو ڏوهاري کي نتيجن جو خوف هجي، زيادتي واقعن ۾ ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ لاءِ بل جي تياري تي ڪم ٿي رهيو آهي. ايف اي ٽي ايف بابت قانون سازي تي وزير اعظم چيو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ موجود حڪومت جي ڪري ناهي ويو، اڳوڻين حڪومتن جي ڪري پاڪستان گري لسٽ ۾ ويو، جيڪو ملڪ خدانخواسته بليڪ لسٽ ۾ هليو ويندو آهي ته ان کي گهڻين ڏکيائين مان گذرڻو پوندو آهي، ڪنهن ملڪ جي بليڪ لسٽ ٿيڻ سان اتي جي معيشت تباهه ٿي ويندي آهي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته جمهوري دور ۾ عوامي مفاد جي حفاظت ڪندڙن کي ساراهيو ويندو آهي، آئون اميد ٿو ڪيان ته مخالف ڌر اڄ اسان جي تعريف ڪندي، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف قانون سازي جي آڙ ۾ ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. مخالف ڌر اڳواڻڻ ۽ پاڪستان جي مفادن ۾ تضاد آهي. مخالف ڌر ايف اي ي ايف بل کي پنهنجي ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو مخالف ڌر طرفان نيب قانون ۾ 34 ترميمن جي تجويز جو مقصد نيب کي دفن ڪرڻ هو. انهن ماڻهن چيو ته نيب قانون مان مني لانڊرنگ کي ڪڍي ڇڏيو، جيڪڏهن هنن مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ته پوءِ ڊپ ڪهڙي ڳالهه جو هو. هي ماڻهو ملڪ کي هلڻ ناهن ڏيندا ۽ نه ئي اسيمبلي ۾ تقرير ڪرڻ ڏيندا آهن. وزير اعظم چيو ته اِها قانون سازي ملڪ جي مستقبل لاءِ گهڻي ضروري هئي، آمريڪي رپورٽ موجب هر سال پاڪستان مان 10 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ٿيندي آهي، مني لانڊرنگ ترقي پذير ملڪن جو وڏو مسئلو آهي، ڪرپٽ ماڻهو مني لانڊرنگ جي ذريعي پيسا ٻاهر موڪليندا آهن، مني لانڊرنگ سان غريب ملڪ اڃان غريب ۽ امير ملڪ اڃا امير ٿيندا آهن، جيڪڏهن اسان مني لانڊرنگ کي روڪيو ته اسان کي قرض وٺڻ جي ئي نه پوندي. مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي وزير اعظم چيو ته مون لنڊن ۾ پنهنجو فليٽ 2002ع ۾ ظاهر ڪيو ان جي باوجود هي ماڻهو ڪيس عدالت ۾ کڻي ويا، مون سمورا ثبوت پيش ڪيا پر هي لنڊن جي ملڪيت بابت ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيا.

Read Previous

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي بائيڪاٽ باوجود ڪيترائي اهم قانون منظور

Read Next

آڄ جي ڪاپي

Most Popular