آصف زرداري جي ضمني ريفرنسز رد ڪرڻ واري درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان آصف زرداري جي 3 ضمني ريفرنسز رد ڪرڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اڳوڻي صدر  جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا. اڳوڻي صدر پارڪ لين، مني لانڊرنگ ۽ ٺٽه واٽر سپلاءِ جا ضمني ريفرنسز رد ڪرڻ جون درخواستون ڪيون آهن. آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ پنهنجي موقف ۾ چيو ته اڳ اڌ ۾ ۽ پوءِ مڪمل چالان فوجداري ڪيسن ۾ جمع ٿيندو آهي. نيب آرڊيننس ۾ اڳ اڌ ۾ ۽ پوءِ مڪمل چالان جمع ڪرائڻ جي گنجائش نه آهي. ضمني ريفرنس صرف نيب جي بدنيتي آهي ۽ ان جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالت کي ريفرنسز  جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ جا سبب به ٻڌائڻا پوندا آهن. هن عدالت ضمني ريفرنسز جي ٻڌڻ جوڳو  هجڻ جو ڪوبه آرڊر جاري ناهي ڪيو. ان ڪري  عدالت ضمني ريفرنس ۾ آصف زرداري جي  طلبي جو نوٽيس واپس وٺي. فاروق نائيڪ 3 ضمني ريفرنس خارج ڪرڻ جي درخواستن تي دليل مڪمل ڪيا جنهن کان پوءِ نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي دليل ڏنا ۽ آصف زرداري جون سموريون درخواستون خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي.  مظفر عباسي پنهنجي دليل ۾ چيو ته ڪٿي به  ۽ ڪنهن به قانون ۾ اهو لکيل نه آهي ته ضمني ريفرنس داخل نٿو ٿي سگهي. فاروق  نائيڪ هڪ به قانون جو  حوالو ناهي ڏنو جنهن ۾ اهئين لکيل هجي. سيڪشن 16 موجب هڪ ڪيس  ٻئي ڪنهن جڳهه منتقل به ٿي سگهي ٿو. سردار مظفر چيو ته عدالت  جيڪي طلبي جا نوٽيس جاري ڪندي آهي اهي عدالت جو آرڊر هوندو آهي. طلبي جي نوٽيس جو مطلب هوندو آهي ته ڪيس کي عدالت ٻڌڻ جوڳو سمجهي ورتو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ آصف علي زرداري جي 3 ڪيسن ۾ ضمني ريفرنس خارج ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

Read Previous

ٺري ميرواه مير سردار چاڪر خان دستي منظور دستي جي ڀائٽي مرحوم سجاد حسين دستي جي تعزيت لاءِ ڏاتو دستي پهچي ويو

Read Next

نيب شوگر ملز ڪيس ۾ جهانگير ترين کي سندس پٽ سميت طلب ڪري ورتو

Most Popular