نيب شوگر ملز ڪيس ۾ جهانگير ترين کي سندس پٽ سميت طلب ڪري ورتو

لاهور:  شوگرملز ڪيس ۾ نيب جي گڏيل جاچ ٽيم جهانگير ترين کي پٽ سميت طلب ڪري ورتو آهي.  رپورٽ موجب نيب طرفان شوگر ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم(سي آءِ ٽي) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي طلب ڪري ورتو آهي. کيس 19 سيپٽمبر تي ايف آءِ اي آفيس لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان جي پٽ علي ترين کي به 20 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي.  ايف آءِ اي جي ذريعن ٻڌايو ته آهي ته جهانگير ترين کان جي ڪي ٽي فارمنگ جا اثاثا خريد ڪرڻ جا تفصيل طلب ڪيا آهن ۽ ان کي جاري نوٽيس ۾ سمورا دستاويز گڏ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته جهانگير ترين ۽ علي ترين ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين.  ذريعن موجب جهانگير ترين تي 15 ارب روپين کان وڌيڪ جي ڪارپوريٽ فراڊ جو الزام آهي. جاچ ٽيم جهانگير ترين جي خلاف 4 وڏن الزامن جي جاچ ڪري رهي آهي ان تي اهي الزام شوگر ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ لڳايا هئا.

Read Previous

آصف زرداري جي ضمني ريفرنسز رد ڪرڻ واري درخواستن تي فيصلو محفوظ

Read Next

بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو ٻاويهين سيپٽمبر تائين ملتوي

Most Popular