بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو ٻاويهين سيپٽمبر تائين ملتوي

ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري عدالت بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.  دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ رحمان بهولا، زبير چريا، رئوف صديقي سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا.  عدالت طرفان اڄ ڪيس جو  محفوظ فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان هو پر عدالت ڪيس جو فيصلو 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.  دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا  بند ڪئي وئي هئي.

Read Previous

نيب شوگر ملز ڪيس ۾ جهانگير ترين کي سندس پٽ سميت طلب ڪري ورتو

Read Next

انگريزن جي غلامي واري ذهن ۽ سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

Most Popular