چين تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين نومبر ۾ عوام آڏو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

بيجنگ: چين ۾ تيار ٿيندڙ 4 مان هڪ ڪورونا ويڪسين نومبر ۾ عوام  آڏو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي اداري(سينٽر فار ڊيزز ڪنٽرول اينڊ پري ونٽيشن دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي تيار ڪيل 4 ويڪسين جو ڪلينڪل ٽرائل آخري مرحلي ۾ آهي.  جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هلندڙ سال نومبر ۾ عوام کي ملي سگهندي.هلندڙ مهيني بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽريڊ فيئر ۾ چيني ڪمپني ڪورونا ويڪسين جي رونمائي به ڪئي هئي. سي ڊي سي  جي سربراهه سرڪاري ميڊيا تي پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته چين ۾ 4 ڪورونا ويڪسين تي ڪم جاري آهي. جن مان 3 ويڪسين کي جولاءِ ۾ ئي فرنٽ لائن طبي عملي استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي وئي هئي جنهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن.

Read Previous

انڊونيشيا ۾ ماسڪ نه پائيندڙن کي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن لاءِ قبرون کوٽڻ جي سزا ڏني وئي

Read Next

سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ هينڊز ۾ وڌيڪ 20 هزار ٻوٽا پوکڻ جو معاهدو

Most Popular