سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ هينڊز ۾ وڌيڪ 20 هزار ٻوٽا پوکڻ جو معاهدو

اسلام ڪوٽ:  ٿر ۾ وڻڪاري کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم ۽ ڏهه لک نوان وڻ لڳائڻ وارو پروگرام هيٺ هن مهل تائين 8 لک نوان وڻ لڳي چڪا آهن. هن پروگرام هيٺ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پاران ٿرپارڪر ۾ وڌيڪ 20 هزار نوان وڻ لڳائڻ لاءِ هينڊز پاڪستان سان معاهدي  پڻ ڪري ڇڏيو آهي، هن معاهدي تحت سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ هينڊز پاڪستان جي وچم هڪ مفاهمت واري ياداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون جنهن تحت سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ٿر ۾ وڻڪاري کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هينڊز کي مقامي جنسن جا 20 هزار  20000 ٻوٽا فراهم ڪري پئي. هن سهڪار هيٺ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن جي ٿر ملين ٽري پروگرام تحت ڪيو ويو آهي جيڪو ٿر ۾ 10  لک وڻ لڳائڻ واري منصوبي تي عمل پيرا آهن. جنهن تحت هن مهل تائين 8 لک وڻ لڳايا وڃي چڪا آهن. نئين معاهدي تي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سائيٽ انچارج احمد منيب ۽ هينڊز پاڪستان جي عبدالڪريم سميجو صحيحون ڪيون. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ هينڊز جي گڏيل تعاون جي تحت مقامي جنسن جا ٻوٽا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته 20 هزار وڻن مان تقريبن 10 هزار ٻوٽا ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي مقامي ڳوٺن ۾ لڳايا ويندا. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ هينڊز پاڪستان وڻ لڳائڻ، نگراني ڪرڻ ۽ مستقل پرورش ڪرڻ کي پڻ يقيني بڻائيندا. انهي موقعي تي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي سائيٽ هيڊ احمد منيب خطاب ڪندي چيو ته ڪمپني ضلعي ٿرپارڪر ۾ خاص طور تي ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ صاف سٿرو  ۽ سرسبز ماحول بنائڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان صحت، حفاظت ماحوليات جي بهتري کي اهميت ڏيون ٿا. انهي نقط نظر کي مدنظر رکندي اسان هينڊز پاڪستان سان شراڪت ڪئي آهي ته جيئن اهڙي طرح جي سرگرمين کي هٿي ڏيئي سگهجي ۽ ٿر ۾ 10 لک وڻ لڳائڻ واري پروگرام کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي. هينڊز جي ضلعي مينيجر ڪريم سميجو چيو ته انهي شراڪت سان خطي ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي شراڪت کي مقامي ماڻهن ۾ نمايان اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندن زندگين ۾ واضع تبديلي آئي آهي. مونکي اميد آهي ته اهو ياداشت نامو علائقي کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندي. ان کان اڳ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ سنڌ جي سڀ کان وڏي خانگي نرسري قائم ڪئي آهي جيڪا 80 ايڪڙن تي ڦهليل آهي ۽ ان ۾ 5 لک وڻ لڳائڻ جي گنجائش آهي. نرسري ۾ مختلف مقامي جنس جي وڻن، سرنهن، سهانجڙو، ٻانهري، ٻٻر، نم ۽ ڪنڊي جي وڻن جي پرورش ڪئي پئي وڃي، هن پروگرام جو مقصد ٿرپارڪر ۾ ڪاربان جي اثرن کي گهٽائڻ سميت سرسبز ۽ صحت مند ماحول کي هٿي ڏيارڻ آهي.

Read Previous

چين تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين نومبر ۾ عوام آڏو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

جيئي سنڌ محاذ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء پاران سنڌ جي وسيلن ۽ شھرن وارثي لاءِ ريلي جو اعلان

Most Popular