پيرڳوٺ لڳ مڙس ۽ ڏيرن جو عورت تي مبينا تشدد،احتجاج

پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ لڳ مڙس ۽ ڏيرن جو عورت تي مبينا تشدد، معصوم ٻارڙن آڏو وارن کان گھلي تذليل ڪرڻ جو الزام. رپورٽ موجب پيرڳوٺ لڳ برادي جتوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ فاضل فقير راهوجو ۾ مڙس ۽ ڏيرن عورت منيران راهوجو کي مبينا تشدد جو نشانو بنايو آهي. ان ڏس ۾ عورت منيران راهوجو معصوم ٻارڙن ملڪان، ڪليم، خديجه راهوجو سميت پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو روئيندي چيو ته سندس مڙس عبدالحليم راهوجو، ڏيرن عبدالمجيد، عبدالحميد راهوجو معمولي ڳالهه تان معصوم ٻارڙن جي سامهون سخت تشدد جو نشانو بنايو ۽ وارن کان گهليندا رهيا تذليل ڪئي ته مزاحمت ڪرڻ تي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته مڙس ۽ ڏيرن جي ظلمن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

جيڪب آباد ۾ آل پارٽيز جو وڌندڙ بدامني خلاف 11ڏيهن به احتجاج جاري

Read Next

سکر ۾ پوليو جو انوائرمينٽل سيمپل هاڪاري اچڻ ڳڻتي آهي:ڊي سي سکر

Most Popular